افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پل چرخي جيل جي ملازمن جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پل چرخي جيل جي ملازمن جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي، افغان ميڊيا موجب، ڌماڪي ۾ پل چرخي جيل جي ملازمن جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ جيل جون عورت ملازم سوار هيون.

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پل چرخي واري علائقي ۾ جيل ملازمن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 اطلاع تي افغان سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.

افغان ميڊيا موجب، رضاڪارن مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وڌيڪ 3 ڄڻن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

افغان ميڊيا موجب، ڌماڪي ۾ پل چرخي جيل جي ملازمن جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو.

 افغان ميڊيا موجب، ڌماڪي جو نشانو بڻيل گاڏي ۾ جيل جون عورت ملازم سوار هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*