سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ پي ڊبيلو ڊي آفيس جي گرائونڊ فلور ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو

سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ پي ڊبيلو ڊي آفيس جي گرائونڊ فلور ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، فائربرگيڊ عملي موجب ڪولنگ جو عمل جاري آهي.

فائربرگيڊ عملي موجب پي ڊبيلو ڊي آفيس جي رڪارڊ روم ڀرسان باهه لڳي آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.

عملي جو چوڻ آهي ته باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ بعد ڪولنگ عمل جاري آهي، باهه لڳڻ سبب گهڻو نقصان ناهي ٿيو.

ٻئي طرف آفيس جي گرائونڊ فلور تي باهه لڳڻ سبب ڪيترائي ملازم پهچي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*