وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل امن امان بابت تازي صورتحال سميت 8 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، وزيراعظم جي چين جي دوري بابت به جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

 وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 8 نڪاتي ايجنڊَي تي غور ڪيو ويندو ۽ ملڪي معاشي، سياسي صورتحال جو  جائزو ورتو ويندو.

اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان ڪابينا ميمبرن کي چين جي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندو.

اجلاس دوران ملڪ ۾ پيدا ٿيل امن امان بابت تازي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*