وزيراعظم عمران خان اڄ چين جي 5 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان اڄ چين جي 5 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جنهن دوران هو چيني صدر، وزيراعظم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، ملاقات دوران واپار کي هٿي ڏيارڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون.

شيڊول موجب، وزيراعظم عمران خان اڄ خاص جهاز ذريعي اڄ چين جي پنجن ڏينهن جي دوري تي بيجنگ پهچي رهيو آهي. جتي چين جي نائب پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ عملدارن پاران سندس استقبال ڪيو ويندو.

شيڊول موجب، 2 نومبر تي وزيراعظم عمران خان چين جي صدر سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته 3 نومبر تي هو تيان من اسڪوائر ۾ پيپلز هيروز جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين سان ملاقات ڪندو.

انهيءَ ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي  آجيان ۾ گريٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي، کيس گارڊ آف آنر پيس ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان 3 نومبر تي مختلف معاهدن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ چيني هم منصب سان ملاقات به ڪندو.

شيڊول موجب، 3 نومبر تي وزيراعظم عمران خان چين جي سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون به ڪندو. جڏهن ته 4 نومبر تي  وزيراعظم سينٽرل پارٽي اسڪول ۾ خطاب بعد شنگهائي روانو ٿيندو، جتي چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپورٽ ۾ شرڪت ڪندو.

وزيراعظم عمران خان 5 نومبر تي شنگهائي ۾ ويٽنام جي وزيراعظم سان به ملاقات ڪندو. جڏهن ته انهي ئي ڏينهن هو شنگهائي جي مقامي قيادت سان ملاقات ۽ پاڪستان بزنس فورم کي خطاب به ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*