ملڪ جي مجموعي صورتحال کي نطر ۾ رکي صوبي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان خاص قدم کنيا وڃن،آءِ جي سنڌ ڪليم امام

آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته ملڪ جي مجموعي صورتحال کي نطر ۾ رکي صوبي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان خاص قدم کنيا وڃن، پوليس گشت ۽ چيڪنگ واري عمل کي وڌايو وڃي.

آءِ جي سنڌ ڪليم امام جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته شڪي ۽ شرپسند عنصرن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي، ڪنهن به امڪاني صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي وڃي.

هن چيو ته سڀئي ايس ايس پيز علائقن ۾ نڪري خاص طور تي فليش پوائنٽس تي امن امان جي صورتحال جي نگراني ڪن.

آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته ڄاڻايک علائقن ۾ وجيلينس ۽ انٽيليجنس قدمن کي وڌايو وڃي، پوليس گشت ۽ چيڪنگ واري عمل کي بهتر ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*