عوام کي سستي ۽ آسان قسطن تي گهر ۽ پلاٽ فراهم ڪرڻ پ  پ  جي منشور  ۾ شامل آه,وزير سعيد غني

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ آسان قسطن تي گهر ۽ پلاٽ فراهم ڪرڻ پ  پ  جي منشور  ۾ شامل آهي.

لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي آفيس ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جڏهن آفيسر ۽ ملازم وقت تي آفيس نه ايندا ته عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا.

هن چيو ته جيستائين عوام کي سهولتون نه ملنديون، تيستائين اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري نه سگهنداسين.

اجلاس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي عزيز ميمڻ سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*