اڄ ملڪ جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تعليمي ادارا بند آهن

اڄ ملڪ جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تعليمي ادارا بند آهن، ڪوئيٽا جي ڪجهه علائقن کانسواءِ باقي سموري بلوچستان ۾ تدريسي عمل معمول موجب جاري آهي، سنڌ ۾ 10 ڏينهن لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري ۽ جلسن، جلسون توڙي ريلين تي به پابندي آهي.

سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ادارا بند بند آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ تدريسي عمل جاري آهي.

لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ حافظ آباد سميت سڄي پنجاب ۾ تعليمي ادارا بند آهن، تعليمي ادارا بند هئڻ سبب روڊن رستن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي.

لاهور ۾ چيئرنگ ڪراس، مال روڊ، داتا جي مزار ۽ شاهدره چوڪ تي روڊن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشن  جي صدر موجب، وهاڙي ۾ اڄ تعليمي اسڪول بند آهن، ملتان ۾ وفاقي تعليمي بورڊ تحت ٿيندڙ پنجين ۽ اٺين درجي جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته امتحان جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

لاهور ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب واپاري برداري پاران وال سٽي، اتر لاهور، سرڪلر روڊ سميت ٻين  علائقن ۾ مارڪيٽون ۽ بازار بند آهن.

گهرو وزارت لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي تعليمي بورڊ انٽرميڊيٽ جي سپليمنٽري امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

ترجمان موجب، اڄ صبح ۽ شام جو امتحان ٿيڻا ها، جن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، جن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

 يونيورسٽي آف سوات اڄ بند آه، جنهن سبب اڄ ٿيندڙ پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي.

يونيورسٽي انتظاميا موجب، پيپرن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

چارسده، دير بالا، مالا ڪنڊ ۽ بنون ۾  سمورا خانگي ادارا بند آهن، جڏهن ته بنون يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اڄ ٿيندڙ پيپر به ملتوي ڪيو ويو آهي.

بلوچستان  جي تعليم واري سيڪريٽري موجب، سڄي صوبي ۾ سمورن سرڪاري اسڪول معمول موجب کليل رهندا. بلوچستان سرڪار طرفان اڄ اسڪولن ۾ ڪو به موڪل جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ کيٿولڪ بورڊ، پاڪ ترڪ اسڪول سميت ڪجهه خانگي اسڪول جي انتظاميا طرفان اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*