پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته طاقت جي نشي ۾ مدهوش حڪمران هوش کان ڪم وٺن

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته طاقت جي نشي ۾ مدهوش حڪمران هوش کان ڪم وٺن، عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ حڪمرانن جو معمول بڻجي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته طاقت جي نشي ۾ مدهوش حڪمران هوش کان ڪم وٺن.

 هن چيو ته، نئين پاڪستان ۾ غريبن لاءِ هڪ ۽ اميرن لاءِ ٻيو پاڪستان آهي، عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ حڪمرانن جو معمول بڻجي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل  چيو ته، پي ٽي آءِ “آئي ۽ مهانگائي کڻي آئي ” نعرو هر زبان تي آهي.

 هن چيو ته، غريب ماڻهن کي وڌيڪ ڏکيائن ڏانهن ڌڪڻ لاءِ مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو  آهي.

 پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان هيٺين طبقي ۽ غريب کان سستي سواري ڦرڻ جو حڪمنامو آهي.

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل  چيو ته پيٽرول شين جي اگهن ۾ واڌ جو مقصد حڪومتي ڀائيوار مالياتي مافيا کي فائدو پهچائڻ آهي.

نيئر بخاري چيو ته حڪومت غربت گهٽائڻ بدران غريبن جي خاتمي واري مشن تي آهي.

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل  چيو ته اگهن ۾ واڌ پورهيت ۽ محنت ڪندڙ هارين سان دشمني آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*