پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ ايم ايم اي مولانا عبدالغفور حيدري جي شهباز شريف سان ملاقات ڪئي

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ ايم ايم اي مولانا عبدالغفور حيدري جي شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ناموسِ رسالت تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين، حڪومت پاڻ انارڪي پکيڙي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ متحده مجلس عمل جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ اي پي سي ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي  حڪمت عملي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

خورشيد شاهه چيو ته ناموسِ رسالت تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين، حڪومت پاڻ انارڪي پکيڙي رهي آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ  چيو ته، بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته انارڪي نٿا چاهيون،  شهباز شريف سان ملاقات ۾ وزير اعظم جي تقرير بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته، وزير اعظم جي تقرير جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ڳالهائينداسين.

واضح رهي ته اڄ مسلم ليگ ن طرفان پارلياماني اڳواڻن جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*