ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت فوتي ٻارن جو انگ 65 ٿي ويو

ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارن جي حياتيون وڃائڻ وارو ڀيانڪ خوني سلسلو جاري آهي، مٺي ويجهو هڪ ٻار جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي65 ٿي ويو آهي.

غذائي کوٽ سبب سول اسپتال مٺي ۾ ڏيڍ مهيني جو معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو.

فوتي ٻارڙي جو تعلق ڳوٺ ڏونجهه جوڻيجي سان هو، ڏيڍ مهيني جي اشفاق کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي اسپتال آندو ويو پر سندس جان نه بچي سگهي.

ٿر ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران غذائي کوٽ سبب فوتي ٻارن جو انگ وڌي 65 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*