ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، اسان جي پهرين ترجيح ايڪسپورٽ وڌائڻ آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، اسان جي پهرين ترجيح ايڪسپورٽ وڌائڻ آهي، معيشيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ لانگ ٽرم پاليسين تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي ميمڻ برادري کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان جي ڪمپينن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو پوندو، حڪومت ٽيڪسيشن اسٽرڪچر جو جائزو وٺي رهي آهي.

هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج 5 هزار پوائنٽس ڪرڻ سان تاثر ڏنو ويو ته دنيا ئي ختم ٿي وئي آهي.

وفاقي وزير چيو ته چين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جو منصوبو آهي، ٽئين ڌر سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

هن چيو ته چين جو عالمي سطع تي سپلاءَ وارو منصوبو مضبوط آهي، ان مان اسان کي فائدو حاصل ڪرڻو آهي.

اسد عمر چيو ته هي اسان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، سي پيڪ ۾ جيڪو ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي آجيان ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*