ڊوپ ٽيسٽ ۾ سزا کاڌل ڪرڪيٽر احمد شهزاد سوئي سدرن گيس ڪمپني سان معاهدو ڪري ورتو آهي

ڊوپ ٽيسٽ ۾ سزا کاڌل ڪرڪيٽر احمد شهزاد سوئي سدرن گيس ڪمپني سان معاهدو ڪري ورتو آهي.

احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ ڪيس جي معطلي جي سزا 10نومبر تي ختم ٿي هئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران احمد شهزاد کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽس تي اڃان فيصلو اچڻ باقي آهي، پر احمد شهزاد ايس ايس جي سي سان معاهدو ڪري ورتو آهي.

احمد شهزاد قائد اعظم ٽرافي جي سپر ايٽ جي ٻئي مرحلي ۾ هڪ نئي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

ٻئي طرف پي سي بي پاران ڊوپنگ جي سزا جي قانن جي خلاف ورزين تي احمد شهزاد کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيو هو،جنهن جو هن 25 آڪٽوبر تي جواب ته ڏنو پر ان سان پي سي بي مطمئن نه آهي.

احمد شهزاد کي ڪهڙي وقت به پي سي بي طلب ڪري سگهي ٿو ۽ سندس خلاف وڌيڪ ڪاروائي به ٿي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*