پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد مٿان اعتماد اظهار ڪيو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد مٿان اعتماد اظهار ڪيو آهي.

ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين محسن حسن خان سرفراز احمد کي ٽيسٽ ٽيم کان الڳ ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

چيئرمين پي سي بي جو وڌيڪ چوڻ هوته سرفراز احمد ٽنهي فارميٽ جو ڪپتان آهي ۽ ڪپتان ئي رهندو ، بورڊ کي سرفراز احمد مٿان مڪمل اعتماد آهي.

احسان ماني جو وڌيڪ چوڻ هوته ڪوبه سرفراز احمد کان ڪپتاني کان ڌار ڪرڻ بابت سوچي به نٿو سگهي.

هن چيو ته سرفراز احمد ٽيم جو ڪپتان آهي ۽ اهو ئي ڪپتان رهندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيئرمين وڌيڪ چيوته هو گهڻو پراميد آهي ته سرفراز احمد جي قيادت ۾ ٽيم وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*