پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ چيو آهي ته کيس ڪيوي ٽيم خلاف ميچ ۾ ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ چيو آهي ته کيس ڪيوي ٽيم خلاف ميچ ۾ ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي.

ابوظبهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي نالي واري بيٽسمين محمد حفيظ چيو ته ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي.

هن چيو ته ڪينگروز بعد ڪيوي ٽيم خلاف سيريز ۾ سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪئي،جنهن سبب ٽيم کي فتح ملي.

هن چيو ته ميچ ۾ حسن علي شاندار بالنگ ڪئي،جنهن سبب مخالف ٽيم اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ايندڙ ميچز ۾ به ٽيم ساڳئي ڪارڪردگي جومظآهرو ڪندي ۽ ڪاميابيون ماڻيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*