محمد حفيظ جي شاندار بيٽنگ ۽ حسن علي جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ٻن رنز تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪري سيريز ۾ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

محمد حفيظ جي شاندار بيٽنگ ۽ حسن علي جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ٻن رنز تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪري سيريز ۾ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ابوظهبي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

قومي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ ڇهه وڪِيٽن جي نقصان تي 148رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ محمد حفيظ 45،ڪپتان سرفراز احمد 34،آصف علي 24رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا،جڏهن ته عماد وسيم 14۽فهيم اشرف 10رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيا.

ڪيوي ٽيم پاران ملائن ٻه، جڏهن ته پاٽيل، گرانڊهوم۽ايش سودي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 149رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ ميچ آخري اوور تائين پهتي پر ڪيوي ٽيم صرف ٻن رنز جي ڪمي سبب ميچ ۾ شڪست کائي وئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 146رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ ڪالن منرو 58 ۽روز ٽيلر 42رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان جي ٽيم پاران حسن علي 35رنز عيوض 3، شاداب خان ۽عماد وسيم هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

محمد حفيظ کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*