آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ هڪ بس کي باهه لڳي وئي، سمورن مسافرن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي باهه تي ضابطو آندو ويو

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ هڪ بس کي باهه لڳي وئي، سمورن مسافرن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي باهه تي ضابطو آندو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سڊني شهر ۾ هڪ بس 26 ماڻهن کي شادي جي تقريب کان کڻي وڃي رهي هئي ته هاربر پل تي بس کي باهه لڳي وئي.

بس کي باهه لڳڻ بعد فوري طور فائر برگيڊ عملو ۽ پوليس پهچي وئي، ۽ خوش قسمتي سان باهه واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ بس ۾ سوار سمورن ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو.

بس کي باهه لڳڻ سبب پل جو هڪ حصو عام ٽريفڪ لاءِ ڪجهه وقت بند ڪيو ويو، باهه تي مڪمل آڻڻ بعد ٽريفڪ بحال ڪئي وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*