سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ کي پئسا ڏئي ڪو احسان نه ڪري رهيو آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ کي پئسا ڏئي ڪو احسان نه ڪري رهيو آهي، هلندڙ سال سنڌ کي پنهنجي حصي مان 12 ارب گهٽ ڏنا ويا آهن.

ڪراچي  جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته فودا چوڌري ڪڏهن آمر مشرف ۽ ڪڏهن آصف زرداري جي تعريف ڪندو هو، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪي ماڻهو ڪنٽينرز تي ڳالهيون ڪندا هئا اڄ به اهي ساڳيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

 هن چيو ته چين ۾ وزيراعظم جي تقرير ۽ ڪنٽينرز ۾ ڪيل تقرير هڪجهڙي هئي، چين مان وزيراعظم کي ڪجهه به نه مليو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته نيب جي ويب سائيٽ ڏسو ته خبر پئجي ويندي ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪٿي آهي.

هن چيو ته حڪمران اين آر او جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ٻڌايو وڇي اهي ڳالهيون ڪير ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*