قومي اسيمبلي ۾ ٿيل گوڙ واري معاملي تي نواب يوسف ٽالپر ايوان اندر معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ ٿيل گوڙ واري معاملي تي نواب يوسف ٽالپر ايوان اندر معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، يوسف ٽالپر چيو آهي ته گذارش آهي ته جيستائين پي ٽي آءِ ميمبر معافي نه گهري، ايوان جي ڪارروائي اڳتي هلڻ نه ڏني وڃي، شازيه مري چيو ته حڪومت جو رويو ٻڌائي رهيو آهي ته هو مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪيتري سنجيده آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران  گذريل ڪارروائي دوران ايوان ۾ ٿيل گوڙ بابت بحث ڪيو ويو.

اجلاس  کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان ٺاهه ڪرائڻ واري ڪوشش به ڪامياب نه ٿي سگهي.

پيپلزپارٽي جي ميمبر رفيع الله ۽ پي ٽي آءِ ميمبر عبدالمجيد نيازي کي اسپيڪر چيمبر به طلب ڪيو هو پر پيپلزپارٽي جا ميمبر انتظار ڪندا رهيا ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر نه پهتا.

شازي مري اجلاس ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر ٺاهه ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، اسان جا ميبمر آفيس ۾ موجود هئا پر تحريڪ انصاف جا ميمبر اسپيڪر جي آفيس ۾ نه آيا.

پيپلزپارٽي جي ميمبر چيو ته ن ليگ جا ميمبر گه ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش لاءِ اسپيڪر جي آفيس ۾ آيا، لڳي ٿو اڄ به گذريل ڪارروائي جهڙو ماحول پيدا ٿيندو.

شازيه مري چيو ته حڪومت جو رويو ٻڌائي رهيو آهي ته هو مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪيترو سنجيده آهي.

ان موقعي  تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيل گوڙ واري معاملي تي نواب يوسف ٽالپر ايوان اندر معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

يوسف ٽالپر چيو ته گذارش آهي ته جيستائين پي ٽي آءِ ميمبر معافي نه گهري، ايوان جي ڪارروائي اڳتي هلڻ نه ڏني وڃي.

نواب يوسف ٽالپر جي مطابلي تي اپوزيشن جي ڪنهن به جماعت جي ميمبر جو رد عمل نه آيو.

اجلاس دوران بلوچستان جي کيرٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽِس پيش ڪيو ويو.

مير خان محمد جمالي چيو ته سنڌ ايريگيشن بلوچستان جو پاڻي روڪي ڇڏيو آهي، ارسا کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته بلوچستان کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

پاڻي ۽ آبي وسيلن بابت وزير جي غير موجودگي سبب ڌيان ڇڪايو نوٽيس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*