آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سنڌ پوليس جديد تقاضائن تحت اڳتي هلندي

آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سنڌ پوليس جديد تقاضائن تحت اڳتي هلندي، سڀني پوليس آفيسرن کي پنهنجي آفيسن ۾ نوٽيس بورڊ لڳائڻ گهرجن.

جاري ڪيل بيان ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن کي ايوارڊ ڏئي سندن نالا نوٽيس بورڊ تي لکيا ويندا.

هن چيو ته سي پي او، سڀني ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز سميت ٿاڻي ليول تي بورڊ لڳايا وڃن.

آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته هر صورت ۾ عوام کي امن امان فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*