ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪي ايم سي ملازمن ٻئي ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن ڪري غيرقانوني اڏاوتون هٽائي ڇڏيون آهن

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪي ايم سي ملازمن ٻئي ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن ڪري غيرقانوني اڏاوتون هٽائي ڇڏيون آهن.

ضلعي انتظاميه ڪرين مشين ذريعي صدر واري علائقي ايمپريس مارڪيٽ ۾ غيرقانوني اڏاوتون ۽ ڇپرا هٽائي ڇڏيا آهن.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا عدالت به حددخليون هٽائڻ لاءِ حڪم ڏئي چڪي آهي، صدر واري علائقي ۾ حددخلين سبب هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، جنهن ڪري شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪنهن به غيرقانوني حددخليون اڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پوليس جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي درخواست تي ڪي ايم سي ملازمن سان گڏ حددخليون هٽائي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*