اڳوڻي صدر آصف  زرداري چيو آهي ته کيس گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي

اڳوڻي صدر آصف  زرداري چيو آهي ته کيس گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، عمران خان کي ڊيل سان اقتدار ۾ آندو ويو آهي، کيس ڊيل ڪرڻ ته اچي ٿي پر ڪم ڪرڻ نه ٿو اچي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري نوابشاهه ويجهو ڳوٺ صابو راهو ۾ ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هاڻ عمران خان چيو ته هن ڪرنسي جو واپار چين سان ڪرايو آهي پر هن ڪرنسي جي مٽا سٽا ڇهن ملڪن سان ڪئي آهي.

 آصف زرداري وڌيڪ چيو ته  هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشڪول نه کنيو هو پر پنهنجي مان پنهنجو ڪيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقتدار ڊيل کان سواءِ نه حاصل ٿيندو آهي، عمران خان به ڊيل سان آيو آهي پر هن کي ڊيل ڪرڻ ته اچي ٿي پر ڪم ڪرڻ نٿو اچي، جڏهن ته نوازشريف کي به ڊيل وارا اقتدار ۾ کڻي ايندا آهن.

 آصف زرداري ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته کيس گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي پر گرفتاري تي هو خوشي محسوس ڪندو، هو اڳ به گهڻو مشهور آهي ۽ هاڻ وڌيڪ مشهور ٿي ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*