امريڪا ۾ٿيل وچ مدي وارين چونڊن ۾ هن وقت تائين وصول ٿيندڙ نتيجن موجب ري پبليڪنز 151 سيٽس تي اڳتي آهي

 

  امريڪا ۾ٿيل وچ مدي وارين چونڊن ۾ هن وقت تائين وصول ٿيندڙ نتيجن موجب ري پبليڪنز 151 سيٽس تي اڳتي آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽس کي ايوان نمائندگان جي 144 سيٽس تي برتري حاصل آهي.

 امريڪا جي سڀني رياستن ۾ وچ مدي وارين چونڊن لاءِ پولنگ ختم ٿي وئي آهي، چونڊن جا نتيجا لڳاتار اچي رهيا آهن، هن وقت تائين وصول ٿيندڙ نتيجن موجب ايوان نمائندگان جي 435 سيٽس مان ريپبليڪن 151 سيٽس تي اڳتي آهن، جڏهن ته ڊيموڪريٽس 144 سيٽس تي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

 امريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب وچ مدي وارين چونڊن ۾ ووٽرز جو بهتر ٽرن آئوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ووٽرز پولنگ اسٽيشنس تي پهچي ووٽنگ عمل ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*