سپريم ڪورٽ عطا الحق قاسمي جي ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري غيرقانوني قرار ڏيندي کيس ڪنهن به سرڪاري اداري لاءِ تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ عطا الحق قاسمي جي ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري غيرقانوني قرار ڏيندي کيس ڪنهن به سرڪاري اداري لاءِ تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته  عطا الحق قاسمي کي ڏنل پگهار ۽ سهولتون واپس ورتيون.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عطا الحق قاسمي جي ايم ڊي پي ٽي وي طور مقرري غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عطاءَ الحق قاسمي تي پگهارن ۽ سهولتن جي مد ۾ 19 ڪروڙ 78 لک رپيا خرچ ٿيا. کيس ڏنل پگهار ۽ سهولتون واپس ورتيون وڃن.

عدالت فيصلي موجب، عطا الحق قاسمي تي ٿيل خرڇ يج رقم پرويز رشيد، اسحاق ڊار ۽ فواد حسن فواد کان وصول ڪئي وڃي.

عدالتي فيصلي موجب، عطا الحق قاسمي جي پگهار ۽ مالي فائده به غيرقانوني آهن، اڳوڻي ايم ڊي پي ٽي وي جيڪي حڪم جاري ڪيا، اهي به غيرقانوني هئا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*