پرڏيهي کاتي جي ترجمان عيسائي عورت آسيا بي بي جي پرڏيهه روانگي بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان عيسائي عورت آسيا بي بي جي پرڏيهه روانگي بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙين  خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، هوءَ پاڪستان ۾ ئي موجود آهي.

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عيسائي عورت آسيا بي بي کي ملتان جيل مان آزاد ڪيو ويو هو، جنهن بعد خبرون هلي رهيون هيون ته هوءَ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ پرڏيهه روانو ٿي چڪي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته آسيا بي بي پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ سندس پرڏيهه روانگي بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي.

واضح رهي ته پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ جون 2009 ۾ هي واقعو پيش آيو هو، جنهن بعد آسيا بي بي کي  2010  ع ۾ ٽرائل ڪورٽ  توهين رسات جي ڏوهه ۾  295 سي تحت موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چينج ڪيو ويو هو.

لاهور هاءِ ڪورٽ آڪٽوبر 2014ع ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو هو. جنهن کان پوءِ آسيا بي بي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

سپريم ڪورٽ  آڪٽوبر مهيني ۾ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو 31 آڪٽوبر تي پنهنجي فيصلي ۾ آسيا بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*