سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا ڊيم جي حدبندي بابت ڪيس ۾ ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان جي ڪمنٽس جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت واري استدعا منظوري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا ڊيم جي حدبندي بابت ڪيس ۾ ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان جي ڪمنٽس جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت واري استدعا منظوري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ ديامر ڀاشا ڊيم جي حدبندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان چيو ته عدالتي ڪميشن جي رپورٽ اسان 31 آڪٽوبر تائين ملي هئي.

ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان چيو ته برفباري سبب رستا بند هئا، جڏهن ته ڪجهه دستاويز اسان کي نه ملي سگهيا هئا.

ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان چيو ته گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڊيم جي حد  بندي جو تڪرار آهي، هن رپورٽ تي ڪمنٽس داخل ڪرڻ لاءِ 20 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي.

ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان چيو ته مان گلگت بلتستان حڪومت جي جواب تي جواب داخل ڪرائڻ چاهيون ٿا.

عدالت ديامر ڀاشا ڊيم جي حدبندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتو ي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*