پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي رهندي، ڀلي اهي ماڻهو تنقيد ڪندا رهندا

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي رهندي، ڀلي اهي ماڻهو تنقيد ڪندا رهندا، احتساب جي نعرن تان پوئتي نه هٽنداسين.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير  چيو ته حمزه شهباز راڻا مشهود ذريعي عوام دوست پاليسين تي تنقيد ڪرائي.

هن چيو ته اڄ ملڪ جي احمد جو بيان آيو، جيڪو راڻا مشهود بابت نه آهي، ملڪ احمد خان موجب، راڻا مشهود جو بيان سندس ذاتي  آهي.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته حمزه شهباز 10 سالن کان پولٽري جو غيرقانوني ڪاروبار ڪري رهيو هو، راڻا مشهود حمزه شهباز جي پولٽري ڪاروبار جو فرنٽ مين هو.

هن چيو شاهد خاقان عباسي پنهنجي ايئر لاءِ پي آءِ اي کي بيوقوف بڻايو، هو درس ڏيڻ بدران لٽيل پيسا واپس ڪري.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير   فياض الحسن چوهاڻ چيو ته آسيا بي بي پاڪستان ۾  آهي.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير    چيو ته نواز ليگ قيادت گذريل ڏينهن 3 مافياز  ذريعي حڪومت تي حملو ڪرايو، هڪ مافيا راڻا مشهود هو، جنهن حڪومت تي تنقيد ڪئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*