پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلام ۽ پاڪستان جو حقيقي چهرو دنيا کي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلام ۽ پاڪستان جو حقيقي چهرو دنيا کي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ پاڪستان سميت خطي لاءِ گيم چئنجر آهي،  ملڪ جو مستقبل سي پيڪ سان جڙيل آهي.

ملتان بهاءُ الدين زڪريا نيشنل صوفي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پنهنجو پيغام دنيا ۾ پهچائڻ لاءِ مدرسن کي مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻو پوندو.

هن چيو ته موجوده وقت ۾ ملڪ ۾ اتحاد جي اهم ضرورت آهي، ننڍي کنڊ ۾ دين جي سربلندي ۾ صوفين جو اهم ڪردار آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته قبائلي علائقن ۾ جيڪي چئلينجن آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته بلوچستان جا رهواسي پرڏيهي ڏڦيڙ جو شڪار آهن، عام ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ حڪومت جي اوليت آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسلام ۽ پاڪستان جو حقيقي چهرو دنيا کي ڏيکاريو وڃي.

شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ پاڪستان سميت خطي لاءِ گيم چئنجر آهي،  ملڪ جو مستقبل سي پيڪ سان جڙيل آهي، سي پيڪ رٿا سان خطي ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ملندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*