مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته نئين پاڪستان ۾ عوام تي گوليون ۽ لٺيون نه وسايون وينديون

مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته نئين پاڪستان ۾ عوام تي گوليون ۽ لٺيون نه وسايون وينديون، سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو، قانون جي ڀڃڪڙي ۽ رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

سينيٽ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي شهريار آفريدي چيو ته مظاهرن دوران ڪجهه سياسي جماعتن جي ڪارڪنن به ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ هر پاڪستاني جو حق آهي.

چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته قانون ٽوڙڻ واري معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪو فيصلو ڏيندي ته ان تي عمل ڪرايو ويندو.

شهريار آفريدي چيو ته جيڪو قانون کي هٿ ۾ کڻندو، انهن خلاف مثالي ڪارروائي ڪئي  ويندي.

شهريار آفريدي چيو ته اپوزيشن توهين جوڳن خاڪن تي حڪومت قدمن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي ايوان ۾ چوندا آهن ته سهڪار ڪنداسين، انهن جي ڪارڪنن ڀڃ ڊاهه ڪرائي.

هن چيو ته اسان بم نمبر بڻائڻ لاءِ گرفتاريون نه پيا ڪريون، گذريل ڏينهن احتجاج جي موقعي تي سموريون پارٽيون هڪ پيج تي هيون.

شهريار آفريدي چيو ته تحريڪ لبيگ وارن سان ڪالهه به ملاقات ٿي، وزيراعظم کي تفصيلن کان آگاهه ڪندس.

آسيه جي ڪيس جو فيصلو آيو احتجاج شروع ٿي ويا , ڪلبوشن لاء جوڊيشل سسٽم ۾ ڪجه نه هو مجبورن آرمي ڪورٽس جو سهارو ورتو ويو

شهريار آفريدي چيو ته اسان ڌرڻي وارن کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ طاقت جو استعمال نه ڪيو، نه ئي وري اسان بلوچستان ۾ گرفتاريون پيش ڪندڙن کي گولي هڻي سگهون ٿ، اسان کين ڀاڪر پائينداسين.

مملڪتي وزير چيو ته نادرا کان ڊيٽا ورتي آهي، وڳوڙ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي،

شهريار آفريدي چيو ته مخالف ڌر طاقت جي استعمال جا مشورا نه ڏئي، اسان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي انگيج ڪرڻ چاهيون ٿا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*