ڪراچي ۾ ڪي ايم سي پاران چوٿين ڏينهن به صدر واري علائقي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي

ڪراچي ۾ ڪي ايم سي پاران چوٿين ڏينهن به صدر واري علائقي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي، ملازم ريگل چوڪ ۽ پارڪنگ پلازه سميت ٻين هنڌن تان حددخليون هٽائي رهيا آهن.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر وسيم اختر چيو ته شهر ۾ ڪنهن کي به غيرقانوني اڏاوتون اڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته عدالتي حڪم تي هر صورت ۾ عمل ڪرائڻ چاهيون ٿا،دڪاندارن جو احتجاج اجايو آهي.

ميئر وسيم اختر چيو ته ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ نٿا چاهيون پر  غيرقانوني حددخلين جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪراچي جون رونقون ٻيهر بحال ڪرائڻ چاهيون ٿا، مڪمل حددخليون هٽائڻ تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*