ميرپور بٺورو ۾ شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ 3 دوڪان سامان سميت سڙي رک ٿي ويا

ميرپور بٺورو ۾ شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ 3 دوڪان سامان سميت سڙي رک ٿي ويا، انتظاميا پاران وقت سر باهه تي ضابطو نه آڻڻ خلاف واپارين ڪاروبار بند ڪري ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  مين اسٽاپ تي سپر جنرل اسٽور کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه اچانڪ  وڪوڙي وئي، جنهن جو انتظاميه کي اطلاع ڪيو ويو پر فائر بريگيڊ گاڏي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پهتي، جنهن سبب باهه ڀرسان 2 دوڪانن کي به لپيٽ ۾ آندو.

 ان موقعي تي موجود شهرين مڇرجي فائر بريگيڊ گاڏي جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، جڏهن ته دوڪاندارن ڪاروبار بند ڪري حيدر آباد سجاول روڊ تي ڌرڻو هڻي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

 باهه متاثرن ۽ شهرين چيو ته واقعي ۾ 2 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي،   انتظاميه وقت سان قدم کڻي ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ها، دوڪاندارن مطالبو ڪيو ته واقعي جو  انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*