عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا چيو اهي ته  سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي

عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا چيو اهي ته  سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته چين ۾ 84 هزار ننڍا ڊيم آهن، پ پ  حڪومت به 50 ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن، حيدرآباد وڃي ڏسو ته درياءَ هڪ بيان وانگر آهي، جتي پاڻي بلڪل ناهي.

هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي، شاگردياڻين کي حراسمينٽ خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

شهلا رضا چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ به بايو ميٽرڪ سسٽم هئڻ گهرجي، جيئن ملازم وقت سر آفيس پهچن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*