ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي تعصب مان نڪرڻ لاءِ 35 سال لڳي ويا، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا

ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي تعصب مان نڪرڻ لاءِ 35 سال لڳي ويا، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا، جنهن ۾ غربت نه هجي، جيڪو رياست جي قانون تي عمل نه ڪندو اهو جهنمي آهي.

ملتان ۾ عالمي صوفي ڪانفرنس خطاب ڪندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي تعصب مان نڪرڻ لاءِ 35 سال لڳي ويا، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا، جنهن ۾ غربت نه هجي.

 هن چيو ته، جيڪو رياست جي قانون تي عمل نه ڪندو اهو جهنمي آهي.

 صدر عارف علوي چيو ته، بهاءُ الدين زڪريا رواداري ۽ مذهبي هم آهنگي جو درس ڏنو، سندس خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 هن چيو ته، اڄ منهنجي زندگي جو بهترين وقت گذريو آهي، اڄ جو عهدو منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.

 صدر چيو ته، حضور پاڪ صه سچا ۽ امين هئا، اسان جو نبي پاڪ درگزرڪندڙ هو، منهنجي نبي پاڪ جو اصل پيغام محبت جو آهي پر اسان ان کي وساري ڏنڊا کڻندا آهيون.

صدر عارف علوي چيو ته حضور پاڪ قومن کي آزاد ڪيو، انسانن کي آزاد ڪيو، ربيع الاول ۾ ايوان صدر ۾ محفل نعت ٿيندي.

صدر چيو ته، بهاءُ الدين ذڪريا جي فنڊز جي کوٽ جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*