بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڏياري جي موقعي تي تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو جاري آهي

بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڏياري جي موقعي تي تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو جاري آهي، سبي ۾  مندر اندر ڏياري جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڏياري جي موقعي تي تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو جاري آهي.

سبي ۾ لياقت روڊ تي قائم مندر ۾ ڏياري جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هندوبرادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران مذهبي رسمون ادا ڪيون ويون، جڏهن ته هندو برادري ڪيڪ ڪاٽي هڪ ٻئي کي ڏياري جون واڌايون به ڏنيون.

تقريب ۾ ڪمانڊنٽ سبي اسڪائوٽس چوڌري وقار احمد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سيد زاهد شاهه، ايس پي عبدالحق عمراڻي طرفان مٺائي به موڪلي وئي هئي.

ڏياري جي تقريب دوران  پوليس طرفان سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا  هئا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*