اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منظور وساڻ خواب ڏٺو آهي ته حڪومت مدو پورو نه ڪندي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منظور وساڻ خواب ڏٺو آهي ته حڪومت مدو پورو نه ڪندي، اسان حڪمرانن کي چيو ته توهان حڪومت ڪريو ۽ اسان کي اپوزيشن ڪرڻ ڏيو، پر حڪومت اپوزيشن جي موڊ ۾ آهي، ڏسون ٿا حڪومت انڊر فورٽي واري راند ۾ ڇا ڪري ٿي ۽ ڇا نٿي ڪري

خيرپور ۾ منظور وساڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته حڪومت مولوي صاحبن کي اين آر او ڏنو آهي، شايد نواز شريف ۽ مريم نواز ماحول کي ٿڌو ڪري رهيا آهن

آصف علي زرداري چيو ته اسان کي نواز شريف جي حڪومت تي به اعتراض هو، هو به ڪنهن ڊيل ذريعي آيا هئا ۽ هي به اهڙي نموني آيا آهن پر آمريڪا ۾ به ائين ٿيندو آهي، اڄ تائين هيلري ڪتاب لکي رهي آهي، جمهوريت ۾ اهو ٿيندو آهي، اهي جمهوريت جون ڪمزوريون آهن پر پوءِ به جمهوريت بهتر آهي.

 هن چيو ته اسان جي حڪومت ڪم ڪيو آهي، ماڻهن کي زمين جا پئسا ڏنا، ڀاشا ڊيم جي فزيبلٽي ٺاهي، هميشه يوٽرن ٿيندا آهن، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿي.

آصف زرداري چيو ته گئس ۽ پئٽرول جي قيمت وڌڻ سان هر شيءَ جي قيمت ڊبل ٿي وئي آهي.

 اڳوڻي صدر پنهنجي ڀرسان ويٺل پ پ اڳواڻ طرف اشارو ڪندي چيو ته منظور وساڻ جو خواب چوي ٿو ته هي حڪومت پنهنجو وقت پورو نه ڪندي.

 هن چيو ته شايد نواز شريف ۽ مريم نواز حالتون ٿڌيون ڪري رهيا آهن، ڪڏهن حالتون گرم به ڪيون وينديون آهن ته ڪڏهن ٿڌيون به ٿينديون آهن.

 اين آر او بابت پڇيل سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مولوين جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها سڀ نيٽ تي موجود آهي، پر حڪومت ساڻن اين آر او ڪيو آهي، جيڪي غريب ماڻهو ٽي وي تي نظر ايندا کين پڪڙيو ويندو، الزام هڻندڙن سان اين آر او ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*