سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سيڪيورٽي معاملن جي هوائي نگراني لاءِ وفاقي سرڪار کان هليڪاپٽر گهري ورتو آهي

سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سيڪيورٽي معاملن جي هوائي نگراني لاءِ وفاقي سرڪار کان هليڪاپٽر گهري ورتو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي وفاقي گهرو کاتي کي خط لکي هيليڪاپٽر گهريو آهي.

خط ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي خدشن سبب نشتر پارڪ کان ٽاور تائين جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ريلي جي هوائي نگراني لاءِ 21 ۽ 22 نومبر تي هيلي ڪاپٽر مهيا ڪيو وڃي.

صوبائي گهرو کاتي جي اختيارين ڊي جي ايئر ونگ کي به خط لکيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي پاران 12 ربيع الاول جي حوالي سان ضابطه اخلاق به جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*