سپريم ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ٽنهي جي آزادي بابت اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقراررکيو

سپريم ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ٽنهي جي آزادي بابت اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقراررکيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ضمانت وارو فيصلو برقرار رکون ٿا، ڏسڻو پوندو ته معاملي تي لارجر بئنچ ٺهڻ گهرجي يا نه؟

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي نيب ۽ خواجا حارث طرفان جواب جمع ڪرايو ويو.

چيف جسٽس ثاقب نثار خواجه حارث کي چيو ته توهان جو جواب ڪافي تفصيل سان آيوآهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته معاملي تي لارجر بئنچ جوڙڻي آهي يا نه؟

چيف جسٽس چيو ته،  اهو اصول به ڏسڻو آهي ته اپيلن جي ٻڌڻي کان اڳ سزا جي  معطلي سان ڪيس جي ميرٽ  ته متاثر نه ٿي آهي، توهان جي ضمانت وارو فيصلو قائم رکون ٿا.

ٻڌڻي دوران خواجه حارث اسفند يار ولي ڪيس جو حوالو ڏنو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سزا معطلي جو معاملو ڏسڻو آهي، ميرٽ آف دي ڪيس متاثر نه ٿي آهي.

چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجا نقطا لکي ڇڏيو توهان کي ته گذريل ٻڌڻي تي به چيو هو پنهنجون پوائنٽس لکت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس خواجه حارث سان دلچسپ ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته منهنجي ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته خواجه حارث جڏهن توهان جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته توهان جي دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي.

چيف جسٽس جي رمارڪس ڏيندي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

عدالت نيب ۽ خواجه حارث جي جواب بعد نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس چيو ته نيب جي درخواست منظور ڪري رهيا آهيون، مناسب هوندو ته لارجر بئنچ جوڙينداسين، جنهن ۾ فوجداري قانون جي وڏن ججن کي شامل ٿيڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*