وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  ٿيل اهم اجلاس  اسلام آباد جي صورتحال

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  ٿيل اهم اجلاس  اسلام آباد جي صورتحال، امن امان ۽ قبضا مافيا خلاف آپريشن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ، وزير اعظم چيو ته اسلام آباد ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ زمين تي قبضن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو ويندو.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گهرو معاملن وارو وزير شهريارخان آفريدي، ايم اين اي راجا خرم نواز، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي .

اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري وزيراعظم کي اسلام آباد جي مجموعي صورتحال،امن امان ۽ قبضا مافيا خلاف جاري آپريشن سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني .

اجلاس دوران وزير اعظم  گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي ۽ ٻين عملدارن کي اسلام آباد لاءِ خصوصي پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس دوران اسلام آباد ۾ لينڊ مافيا، ڊرگ ڊيلرز ۽ خاص طور تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال خلاف جاري مهم کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ ان کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

وزير اعظم اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ آءِ جي اسلام آباد کان سفارشون طلب ڪيون.

وزير اعظم چيو ته اسلام آباد ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ زمينن تي قبضن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ  ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*