پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي خانگي تعليمي  اداري جي تقريب ۾ شرڪت دوران پارٽي ترانو هلائڻ  تي تنقيد کان پوءِ ايوان صدر پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته صدر عارف علوي اهڙي عمل تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو هو

صدر  عارف علوي جڏهن تقريب ۾ پهتو ته ان موقعي تي تحريڪ انصاف جا گيت هلايا ويا هئا، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي.

ان حوالي سان صدر جي ترجمان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ايوان صدر جيڪو پروگرام موڪليو ويو هو ان ۾ تراني جو ذڪر نه هئو.

ترجمان موجب جيڪڏهن ميزبان پارٽي تراني وڄائڻ شروع ڪري ته ان ۾ ايوان صدر کي ذميوار قرار  نه ٿو ڏئي سگهجي.

ترجمان موجب صدر پنهنجي خطاب ۾ پارٽي ترانن تي ناپسنديدگي جو ذڪر ڪندي چيو هو ته هو هاڻي هن ملڪ جو صدر آهي ۽ اهڙين شئين  جي حوصلا افزائي ناهي ڪندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*