شهباز شريف گرفتار ٿيو ته ميان صاحب چُپ ٿي ويو, پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره

پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته شهباز شريف گرفتار ٿيو ته ميان صاحب چُپ ٿي ويو، پ پ ڪڏهن به آصف زرداري جا ڪيس ناهن وڙهيا، آصف زرداري خلاف ماضي ۾ به ڪيس داخل ٿيا هئا، هو پنهنجا ڪيس پاڻ وڙهي رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرالزمان ڪائره چيو ته ملڪ ۾ 5 لک کان وڌيڪ بي نامي اڪائونٽس آهن.

هن چيو ته، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف گرفتار ٿيو ته ميان صاحب چُپ ٿي ويو.

پ پ اڳواڻ  چيو ته، پ پ ڪڏهن به آصف زرداري جا ڪيس ناهن وڙهيا، آصف زرداري خلاف ماضي ۾ به ڪيس داخل ٿيا هئا، هو پنهنجا ڪيس پاڻ وڙهي رهيو آهي.

قمرالزمان ڪائره  چيو ته، چاهيون ٿا ته حڪومت احتساب وارو عمل جاري رکي ۽ حڪومتي دعوائن ۾ صداقت هجي.

پيپلزپارٽي جي ڳواڻ چيو ته  جعلي اڪائونٽ پ پ سان ڳنڍڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون.  هڪٻئي جي پڳ اڇلائڻ وارو عمل بند ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*