سنڌ جي ايم اين ايز وزيراعظم کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج مسئلن بابت بريفنگ ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي آهي

سنڌ جي ايم اين ايز وزيراعظم کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج مسئلن بابت بريفنگ ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران واضح تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي، اسيمبلي ميمبر عوام جي هر ڏک ۾ شريڪ ٿين.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ سنڌ جي ايم اين ايز جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، اسپيڪر اسد قيصر ۽ سنڌ جي پي ٽي آءِ ايم اين ايز شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران گورنر سنڌ عمران اسماعيل وزيراعظم عمران خان کي ڪراچي پئڪيج بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج مسئلن بابت بريفنگ به ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران واضح تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي، اسيمبلي ميمبر عوام جي هر ڏک ۾ شريڪ ٿين…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*