اسلام آباد  جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران العزيزيه ريفرنس ۾ جوابدار طور بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري نوازشريف جي استدعا منظور ڪري ورتي

اسلام آباد  جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران العزيزيه ريفرنس ۾ جوابدار طور بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري نوازشريف جي استدعا منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران العزيزيه ريفرنس ۾ جوابدار طور بيان قلمبند ڪرائڻ تي جج ارشد ملڪ ۽ وڪيل خواجا حارث وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

جج ارشد ملڪ چيو ته نوازشريف جو بيان اڄ ئي قلمبند ڪري ٿا وٺون، جنهن تي خواجا حارث چيو ته ناوزشريف جو بيان سڀاڻي کان قلمبند ڪيو وڃي.

احتساب عدالت جي جج  چيو ته نوازشريف جو بيان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي خط ۾ رڪارد سان گڏ ڪجهه لڳائي موڪليا.

جج چيو ته سپريم ڪورٽ کي ٻڌائينداسين ته ڪجهه ڪم ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه رهيل آهي.

نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته سوالن ۾ مونجهارو آهي پر اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه آيه، بيان رڪارڊ ڪرڻ وقت سمورو رڪارڊ ڏسڻو پوندو. سڀاڻي تائين وقت ڏنو وڃي.

عدالت استدعا منظور ڪندي نوازشريف کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

واضح رهي ته سڀاڻي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو 342 وارو  بيان سڀاڻي قلمبند ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*