ڪوٽڙيءَ جي ڊگري ڪاليج ۾ فيڪٽريز جو زھريلو پاڻي داخل ٿيڻ سبب بدبوءِ پکڙجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾تدريسي عمل متاثر ٿي ويو،

ڪوٽڙيءَ جي ڊگري ڪاليج ۾ فيڪٽريز جو زھريلو پاڻي داخل ٿيڻ سبب بدبوءِ پکڙجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾تدريسي عمل متاثر ٿي ويو، انتظاميا طرفان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ استادن ڪاليج جي گيٽ ٻاهران پرنسپال جي اڳواڻيءَ ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ استادن چيو آهي ته هنن معاملي بابت اعلٰيٰ  اختيارين کي لکت ۾ اگاهي ڏني آهي پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي.

علي بابا گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ زھريلو پاڻي ڪاھي پيو، جنھن سبب ھڪ پاسي شاگردن جي پڙھائي متاثر ٿي وئي آهي ته ٻئي طرف سندن زندگين کي پڻ خطرو  وڌي ويو آھي.

ڪاليج مان زهريلو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي شاگردن ۽ استادن ڪاليج جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جا زوردار نعرا ھنيا.

ان موقعي پرنسپال پروفيسر نظير احمد قاسمي، پروفيسر سرور سومرو، پروفيسر الطاف ميمڻ، غلام نبي کوکر ۽ ٻين چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان ڪاليج ۾فيڪٽريز مان خارج ٿيندڙ زھريلو پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب هڪ طرف شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي ته ٻئي پاسي سندن جانين کي پڻ خطرو آھي.

 ھنن چيو ته ڪاليج ۾ بيٺل گندي پاڻي سبب ڪلاس رومز ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ بدبوءِ پڻ ڦھلجي وئي آھي.

 ھنن چيو ته گندي پاڻي سبب ڊينگي وائرس جو پڻ خطرو آھي، گندي پاڻي ۾شاگردن ڪيترائي ڀيرا نانگ توڙي وڇون ۽ ٻين بلائن کي به ڏٺو آھن.

 ھنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا اعلىٰ  اختيارين کي لکيو آھي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪاليج مان گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي يا ڪاليج کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن جو داءَ تي لڳل مستقبل بچي سگھي ۽ ھو بھتر تعليم پرائي سگھن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*