سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي مان ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اهميت رکي ٿي

سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي مان ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اهميت رکي ٿي.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان فين لينڊ جي سفير مسٽر هيري ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران ڪچري مان بجلي تيار وارن منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سامونڊي علائقن ۾ وڻڪاري ڪري رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اهميت رکي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*