سنڌ جي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مني لانڊرنگ واري معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، سوئيس اڪائونٽس جي باري ۾ الاهي ڪڏهن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن

سنڌ جي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مني لانڊرنگ واري معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، سوئيس اڪائونٽس جي باري ۾ الاهي ڪڏهن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

 ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار چيو ته حڪومت جي ڪا به ڪارڪردگي ۽ ويزن ناهي، حڪمران رڳو ڳالهيون نه ڪن، عملي قدم کڻن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف احتساب جي نالي تي پيپلز پارٽي کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، نيب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، تحريڪ انصاف کي عوام رد ڪري ڇڏيو، جنهن جو پلاند هو پ پ کان وٺي رهيا آهن.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته مني لانڊرنگ واري معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، سوئيس اڪائونٽس بابت ڊگهي عرصي کان ڳالهيون هلي رهيون آهن، حڪومت ڳالهين بدران عملي قدم کڻي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*