سپريم ڪورٽ سيمنٽ فيڪٽري پاران جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ واري معاملي جي جاچ بابت ٽيم جوڙي ڇڏي

سپريم ڪورٽ سيمنٽ فيڪٽري پاران جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ واري معاملي جي جاچ بابت ٽيم جوڙي ڇڏي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سيمينٽ فيڪٽريون سهڪار نه ڪيو ته برداشت نه ڪنداسين، ڪنهن به مزاحمت تي فوري ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، عدالت کي سختي ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو، تلاءُ برسات سان نه پر ٽيوب ويل سان ڀريا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪٽاس راج مندر جو تلاءُ خشڪ ٿي وڃڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سول سوسائيٽي جي نمائندي چيو ته سيمينٽ پلانٽ وارا زمين تي فصل پوکي رهيا آهن، ڏهن کان پندرنهن ڪيوسڪ فٽ پاڻي سان سيمينٽ فيڪٽري هلڻ ممڪن نه آهي.

چيف جسٽس سول سوسائيٽي جي نمائندگي کي مخاطلب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجو ذاتي تڪرار ڇڏي اصل مئسلي ڏانهن اچو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته فيڪٽرين عدالت ۾ گارنٽي جمع ڪرائي آهي، هاڻ فيڪٽريون پنهنجي استعمال لاءِ پاڻي جو پاڻ انتظام ڪن.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن  فيڪٽري ڀڃڪڙي ڪئي ته گارنٽي ڪيش ڪرائي وٺنداسين.

ڊي سي چڪوال چيو ته بيسٽ وي فيڪٽري جون 6 ٽيوب ويل بند ڪرائي ڇڏيون آهن، بيسٽ وي جون رڳو رهائشي علائقن جون ٻه ٽيوب ويل هلي رهيون آهن.

سپريم ڪورٽ بنا تياري ڪري اچڻ تي ڊي سي چڪوال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي معلوم ئي نه آهي ته رپورٽ ۾ ڇا لکيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي رپورٽ ته پڙهي اچو.

جسٽس اعجازالاحسن چيو ته سيل ٿيڻ کان اڳ ٽيوب ويل کي اوور ٽائيم هلايو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته چئن مهينن جو پاڻي ڊي سيمينٽ ڪيئن جمع ڪيو.

ڊي سي چڪوال چيو ته ڊي جي سيمينٽ وٽ ٻه اوور هيڊ ٽينڪز آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ جيڪي تلاءُ ڀريا ويا آهن، انهن ۾ پاڻي ڪٿان آيو؟

ڊي جي سيمينٽ جي وڪيل چيو ته ٽيوب ويل بند هيون، اتان پاڻي ڪو نه ڪڍيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي سختي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، تلاءُ برسات سان نه پر ٽيوب ويل سان ڀريا ويا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جر جي پاڻي ۽ برسات ۾ فرق ڪنهن به ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي معلوم ڪرائي سگهجي ٿو.

عدالت سيشن جج چڪوال ۽ سپريم ڪورٽ جي ٽيم کي سڀاڻي فيڪٽرين جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،

سپريم ڪورٽ معاملي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙيندي فيڪٽرين جي معائني جي رپورٽ جمعي تائين طلب ڪري ورتي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*