اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ درخواستگذار جي وڌيڪ ٻن شاهدن کي 22 نومبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ درخواستگذار جي وڌيڪ ٻن شاهدن کي 22 نومبر تي طلب ڪري ورتو، وڪيل سعيد احمد آڏي پڇا ڪندي چيو ته درخواستگذار جي شاهد طارق جاويد جو منهنجي موڪل جي ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، شريڪ جوابدار نيشنل بينڪ جو اڳوڻو صدر سيعد احمد عدالت ۾ پيش ٿيو.

سعيد احمد جي وڪيل آڏي پڇا ڪندي چيو ته درخواستگذار جي شاهد طارق جاويد جو منهنجي موڪل سان ڪو به تعلق نه آهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواستگذار جي وڌيڪ ٻن شاهدن کي طلب ڪري  ورتو.

عدالت اسحاق ڊار جي خلاف ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ سيمينٽ فيڪٽرين پاران جر جو پاڻي چوري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*