چيف جسٽس ميان ثاقب نثار اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسحاق ڊار چيو هو ته جڏهن انصاف ملندو تڏهن هو ڏيهه ورندو

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسحاق ڊار چيو هو ته جڏهن انصاف ملندو تڏهن هو ڏيهه ورندو، ناڻي وارو اڳوڻو وزير پاڪستان ايندو ته کيس انصاف به ملندو.

سپريم ڪورٽ ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايڊِيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته برطانوي حڪومت ان حوالي سان سوالنامو موڪليو آهي، جنهن جو جواب ڏيڻو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته برطانيا جي گهرو کاتي جو سوالنامو نيب کي اماڻيو آهي ۽ نيب کي سوالن جا جواب ڏيڻا آهن.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدلات کي آگاهه ڪيو ته برطانيا ۽ پاڪستان وچ ۾ جوابدارن جي حوالگي جو معاهدو ٿي ويو آهي ۽ معاهدو ٿيڻ تي گهرو کاتي پاران سوالنامو اماڻيو ويو آهي.

ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته ان معاملي تي هڪ مهيني جو وقت لڳي ويندو، هاڻي ته اسحاق جي بيماري جو معاملو به ناهي، هو چوي ٿو ته جڏهن کيس انصاف ملندو تڏهن پاڪستان ورندو، اسحاق ڊار واپس ايندو ته کيس انصاف به ملندو.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته لانگ ڊسٽنس انصاف ته نٿو ملي سگهي.

عدالت اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اسحاق ڊار گذريل حڪومت ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير هو، احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، هو پاناما ڪيس جي ڪجهه عرصي کانپوءِ علاج لاءِ لنڊن ويو هو، جنهن کانپوءِ ڏيهه واپس ناهي وريو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*