پنجاب جي علائقي فيصل آباد ۾ هاءِ ڪورٽ بينچ جوڙ لاءِ احتجاج دوران وڪيلن سيشن ڪورٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڊي سي جي آفيس ۾ داخل ٿي اجلاس ختم ڪرائي ڇڏيو

پنجاب جي علائقي فيصل آباد ۾ هاءِ ڪورٽ بينچ جوڙ لاءِ احتجاج دوران وڪيلن سيشن ڪورٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڊي سي جي آفيس ۾ داخل ٿي اجلاس ختم ڪرائي ڇڏيو.

فيصل آباد ۾ يونيورسٽي روڊ تي وڪيلن هاءِ ڪورٽ بينچ جوڙڻ  لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مڇريل وڪيلن سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ سيشن ڪورٽ جي دروازي کي تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سائلين کي به اندر وڃڻ کان روڪيو ويو.

مڇريل وڪيلن احتجاج ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ جتي هنن ڀڃ ڊاهه به ڪئي پر ان وقت ڊي سي آفيس ۾ موجود نه هو.

مڇريل وڪيلن ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس زبردستي ختم ڪرائي ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*