ڦلجي ڀرسان شادي شده عورت مبينا طور گم ٿي وئي، ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندن عورت مستاني آهي

ڦلجي ڀرسان شادي شده عورت مبينا طور گم ٿي وئي، ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندن عورت مستاني آهي، جوابدار اغوا ڪري کيس مختلف شهرن ۾پنائي رهيا آهن، بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

گدامن واري علائقي مان نوجوان شادي شده عورت مومل پنهور 15 ڏينهن کان پراسرار نموني گم آھي، سندس وارثن دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳولا ڪئي پر عورت کين هٿ نه آئي ۽ نه وري سندس ڪٿان ڪو ڏس پتو ملي سگهيو آهي.

پراسرار نموني گم ٿيل عورت جي ڀاءُ اصغر پنهور ڪي ٽي اين آفيس پهچي دانهيو آهي ته سندس ڀيڻ گذريل 15 ڏينهن کان گهران نڪرڻ بعد گم آهي، هنن مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي پر مومل هٿ نه آئي، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سندس ڀيڻ مستاني آهي، کين شڪ آهي ته جوابدار اغوا ڪري مومل کي مختلف شھرن ۾  پنائين ٿا.

هن مطالبو ڪيو ته پوليس ۽ وس وارا عورت جي ڳولا ۾ مدد ڪن ۽ بازيابيءَ لاءِ ڪوششون وٺي کين انصاف فراهم ڪن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*