سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس

سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس، رينجرز، سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 9 جنوري 2019 تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس رپورٽن مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي، ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، گم ٿيل ماڻهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهري سهيل بابت رينجرز ۽ ٻين حساس ادارن کي خط لکيو ويو پر جواب ناهي مليو.

عدالت گلبرگ جي ايس ڊي پي او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي ڪوتاهي مان ڪم نه هلندو.

عدالت پوليس، رينجرز، سنڌ حڪومت سميت ٻين ڌرين کي اڳڀرائي واري رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪندي ٻڌڻي 9 جنوري 2019 تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*